جامعه راشديه

جامعه راشديه 1:پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ هڪ وڏي درسگاهه، جيڪا راشدي خاندان جي پنجين گادي نشين، سيد شاهه مردان شاهه اول (ڪوٽ ڌڻي) قائم ڪئي هئي. 1904ع ۾ هن ديني درسگاهه جو باقاعده بنياد وڌو ويو. ان وقت جا ناميارا عالم هتي استاد طور مقرر ڪيا ويا، جن ۾ علامه عبدالرحمٰن ڌامراهه، مير محمد کاهوڙي (ريگستاني)، مولانا سعدالله انصاري وغيره شامل هئا. انگريز دشمنيءَ سبب 1921ع کان 1952ع دوران هن درسگاهه تي به ڏکيا ڏينهن گذريا. جڏهن انگريزن پير ڳوٺ تي بمباري ڪئي ته مدرسو، ان جي ڀرواري درسگاهه ۽ لائبريري به تباهه ٿي ويئي. هن لائبرريءَ جا ڪتاب انگريز پاڻ سان گڏ لنڊن کڻي ويا، جيڪي پوءِ انڊيا آفيس لائبرري ۾ رکيائون. موجوده پير صاحب پاڳاري هن عظيم مدرسي جي عمارت کي ٻيهر ٺهرايو، جيڪا اڳوڻي عمارت کان ڪيترائي دفعا وڏي آهي. هن مدرسي ۾ شاگردن جي پڙهائي، رهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ جو سمورو خرچ پير صاحب پاڳارو ڪندو آهي. مدرسي ۾ قائم عظيم الشان لائبريريءَ ۾ پير صاحب پنهنجا سمورا ڪتاب به رکيا آهن، هر سال ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ بجيٽ مقرر آهي. هر سال 27 رجب تي فارغ التحصيل شاگردن، عالمن جي دستاربندي درگاهه شريف تي ٿيندي آهي. هن لائبريريءَ ۾ ڪتابن جي جلد بندي به ٿئي ٿي، علم جا هزارين شائق فائدو وٺي رهيا آهن.


لفظ جامعه راشديهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو